ڏهرڪي: (علي رضا راجپوت) ڪجهه ڏينهن اڳ اوٻاوڙو ٿاڻي تي پنهنجي مامن خلاف ڪارنهن ۽ وڪري جا سنگين الزام لڳائيندڙ ريحانه شر پنهنجي بيان تان ڦري وئي آهي.
ڏهرڪي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ريحانه شر چيو ته هن پنهنجي مامن خلاف جيڪي الزام هنيا هئا، اهي ڪوڙا هئا ۽ کيس محرم شر جي دٻاءَ هيٺ اهڙو بيان ڏياريو ويو هو.
ريحانه شر پنهنجي والده سچل شر ۽ مامي ارباب شر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هوءَ هاڻي حقيقتون سامهون آڻڻ چاهي ٿي.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ريحانه شر اوٻاوڙو ٿاڻي تي پهچي الزام هنيو هو ته سندس مامن مٿس ڪارنهن جو الزام لڳائي کيس وڪرو ڪرڻ ۽ قتل ڪرائڻ چاهين ٿا، جڏهن ته هن پنهنجي مڙس ياسين شر سان گڏ رهڻ جي خواهش ظاهر ڪئي هئي. ان وقت سندس والده انهن الزامن کي رد ڪندي چيو هو ته ريحانه کي سندس مڙس گهران ڪڍي ڇڏيو آهي.
پوليس موجب، معاملي جي قانون موجب جاچ جاري آهي.


