نوشهروفيروز (محمد عادل عباسي): ڪنڊيارو ۾ سي آءِ اي پوليس ڪارروائي ڪندي رفيع الله پٺاڻ سميت 5 ڄڻن کي غيرقانوني افغان شهري هجڻ جي شڪ ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
پوليس موجب گرفتار ٿيل ماڻهن جي سڃاڻپ ۽ دستاويزن جي جاچ دوران سندن ڊيٽا ميچ نه ٿي، جنهن کانپوءِ کين تحويل ۾ ورتو ويو.
سي آءِ اي پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار ٿيلن کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا ۽ جاچ جاري آهي، جڏهن ته جاچ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ قانون موجب وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.


