گمبٽ (ممتاز ميمڻ): گمبٽ ڀرسان احمدپور جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ گيسٽرو تيزيءَ سان پکڙجڻ سبب 2 معصوم نينگريون فوت ٿي ويون، جڏهن ته 100 کان وڌيڪ ٻار، عورتون ۽ مرد بيماري ۾ مبتلا ٿي مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن. ٻن ٻارڙين جي فوت ٿيڻ کانپوءِ علائقي ۾ خوف ۽ ڳڻتي واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، جڏهن ته رهواسين صحت کاتي تي بي ڌياني جو الزام هنيو آهي.
تفصيل موجب، ڳوٺ ڪوڏ ميتلو ۾ 3 ورهين جي نياڻي زبيده ڌيءَ محمد مٺل ميتلو ۽ ڳوٺ قادر بخش ميتلو ۾ 4 ورهين جي نياڻي دلشاد خاتون ڌيءَ محمد هاشم ميتلو گيسٽرو سبب فوت ٿي ويون.
علائقي جي مختلف ڳوٺن، جن ۾ ڪوڏ ميتلو، قادر بخش ميتلو، ڦلائي ميتلو، هوٿي نوٿي ۽ ڀرپاسي جا ٻيا ڳوٺ شامل آهن، تن ۾ 100 کان وڌيڪ ماڻهو گيسٽرو ۾ مبتلا آهن. متاثرن ۾ نياز ميتلو، ڪيهر ميتلو، حسينا خاتون، ڪلثوم ميتلو، ڀانڻ ميتلو، علي جان ميتلو، عرفان ميتلو ۽ ٻيا شامل آهن، جن کي مختلف اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو آهي. متاثرن مان ٽن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وڃي ٿي.
ڳوٺاڻن محمد ياسين ميتلو، ڪيهر ميتلو ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته گيسٽرو وبائي صورت اختيار ڪري چڪي آهي ۽ گذريل ٽن کان چئن ڏينهن دوران ٻه معصوم نينگريون فوت ٿي چڪيون آهن، جڏهن ته سوين ماڻهو بيماري ۾ مبتلا آهن.
هنن الزام هنيو ته سرڪاري اسپتالن ۾ علاج جون سهولتون اڻپوريون آهن، بيڊن جي سخت کوٽ سبب مريض تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته ڪيترائي غريب خاندان مجبوري سبب عطائي ڊاڪٽرن کان علاج ڪرائڻ تي مجبور آهن.
ڳوٺاڻن صحت کاتي خيرپور جي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو فوري نوٽيس وٺي متاثر ڳوٺن ۾ ميڊيڪل ٽيمون اماڻيون وڃن، عارضي ميڊيڪل ڪيمپون قائم ڪيون وڃن ۽ گيسٽرو تي ضابطو آڻڻ لاءِ هنگامي قدم کنيا وڃن.


