واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڪ-ڀارت جنگ ۾ جهازن جي ڪيرائڻ جو ذڪر ڪندي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي زخمن تي لوڻ ٻرڪي ڇڏيو آهي.
صدر ٽرمپ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ جنگ دوران 11 جهاز ڪيرايا ويا.
آمريڪي صدر چيو ته ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ ايٽمي جنگ روڪي 3 ڪروڙ جانيون بچايون، هن وڌيڪ چيو ته پاڪستاني وزيراعظم چيو ته مان جنگ روڪي 3 ڪروڙ ماڻهن کي بچايو.
ان کانسواءِ صدر ٽرمپ چيو ته اسرائيل ۾ سندس مقبوليت 99 سيڪڙو تائين هئي، سمجهه کان ٻاهر آهي ته ڪير يهودي ڊيموڪريٽ کي ووٽ ڪيئن ڏئي سگهي ٿو؟
آمريڪي صدر چيو ته ايلون مسڪ سان سٺو واسطو آهي، آمريڪا جي ايران سان سٺي ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي، ايران سان معاملا سٺي نموني اڳتي وڌي رهيا آهن، خطي ۾ امن جون ڪوششون جاري آهن.
ياد رهي ته صدر ٽرمپ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ جنگ بندي ڪرائڻ جي دعويٰ ڪيترائي ڀيرا ورجائي چڪو آهي.


