Focus with Zardari

پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ جنگ دوران 11 جهاز ڪيرايا ويا: ڊونلڊ ٽرمپ

1 Min Read

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڪ-ڀارت جنگ ۾ جهازن جي ڪيرائڻ جو ذڪر ڪندي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي زخمن تي لوڻ ٻرڪي ڇڏيو آهي.

صدر ٽرمپ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ جنگ دوران 11 جهاز ڪيرايا ويا.

آمريڪي صدر چيو ته ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ ايٽمي جنگ روڪي 3 ڪروڙ جانيون بچايون، هن وڌيڪ چيو ته پاڪستاني وزيراعظم چيو ته مان جنگ روڪي 3 ڪروڙ ماڻهن کي بچايو.

ان کانسواءِ صدر ٽرمپ چيو ته اسرائيل ۾ سندس مقبوليت 99 سيڪڙو تائين هئي، سمجهه کان ٻاهر آهي ته ڪير يهودي ڊيموڪريٽ کي ووٽ ڪيئن ڏئي سگهي ٿو؟

- Advertisement -

آمريڪي صدر چيو ته ايلون مسڪ سان سٺو واسطو آهي، آمريڪا جي ايران سان سٺي ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي، ايران سان معاملا سٺي نموني اڳتي وڌي رهيا آهن، خطي ۾ امن جون ڪوششون جاري آهن.

ياد رهي ته صدر ٽرمپ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ جنگ بندي ڪرائڻ جي دعويٰ ڪيترائي ڀيرا ورجائي چڪو آهي.

Share This Article
Leave a Comment