سنڌ وائيس تي رپورٽ نشر ٿيڻ کانپوءِ مورو پوليس حرڪت ۾ اچي وئي، غيرقانوني افغان پناهگيرن خلاف ڪارروائيون

1 Min Read

مورو (رپورٽ: علي دوست سولنگي): موري ۾ غيرقانوني طور رهندڙ افغان پناهگيرن خلاف پوليس ڪارروائين ۾ تيزي اچي وئي آهي.
سنڌ وائيس تي رپورٽ نشر ٿيڻ کانپوءِ ڊي ايس پي مورو فائزه سوڍر جي هدايتن تي ايس ايڇ او مورو علي اڪبر کوکر پوليس ٽيم سان گڏ مختلف علائقن ۾ ڪارروائيون شروع ڪري ڇڏيون.

پوليس مختلف علائقن ۾ غيرقانوني طور رهندڙ افغان پناهگيرن جي رهائشن تي ڇاپا هڻي رهي آهي، جڏهن ته شهر ۾ قائم پٺاڻن جي هوٽلن ۽ ٻين هنڌن تي پڻ سخت چيڪنگ جاري آهي، جتي رهائش پذير ماڻهن جا سڃاڻپ دستاويز ۽ قانوني حيثيت جي جاچ ڪئي پئي وڃي.

پوليس اختيارين موجب غيرقانوني طور رهندڙ پرڏيهي شهرين خلاف قانون موجب ڪارروائي جاري رهندي، جڏهن ته شهر ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن.

Share This Article
Leave a Comment