Focus with Zardari

ايران جي اڳوڻي سپريم ليڊر جي جنازي نماز ۽ آخري رسمن جي سلسلي ۾ تقريبن جي شروعات

3 Min Read

تهران (ويب ڊيسڪ): ايران جي اڳوڻي سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اي جي جنازي نماز ۽ آخري رسمن جي سلسلي ۾ تقريبون شروع ٿي ويون آهن. سندس مڙهه تهران جي ڏاکڻي علائقي ۾ واقع امام خميني حسينيه منتقل ڪيو ويو آهي.

ايراني ذريعن موجب، جنازي نماز ۾ سڄي ملڪ مان لکين ماڻهن جي شرڪت جو امڪان آهي، جڏهن ته مختلف سرڪاري ادارا ۽ انتظاميا سڪيورٽي ۽ ٻين انتظامن کي حتمي شڪل ڏيڻ ۾ مصروف آهن.

ايراني اختيارين جو چوڻ آهي ته جنازي ۾ 2 ڪروڙ ماڻهن جي شرڪت جو امڪان آهي، 10 فوجي اسپتالن ۽ 10 هزار اهلڪارن کي سرگرم ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڏيڍ لک اهلڪار پڻ الرٽ رهندا.

پرڏيهي خابرو ادارن موجب، تقريبن جي شروعات تهران جي وڏي مذهبي ۽ ثقافتي مرڪز امام خميني مصليٰ کان ٿي، جتي هزارين سوڳوارن جي موجودگي ۾ آيت الله علي خامنه اي جو تابوت آندو ويو.

- Advertisement -

آيت الله علي خامنه اي جي شهادت کانپوءِ سڄي ايران ۾ سوڳ جي فضا آهي، جڏهن ته شهري وڏي انگ ۾ پنهنجي اڳواڻ کي ڀيٽا پيش ڪري رهيا آهن.

ايراني حڪومت 6 جولاءِ تي سڄي ملڪ ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو آهي، جيئن عوام جنازي نماز ۽ ٻين سوڳوار تقريبن ۾ شرڪت ڪري سگهي.

حڪومتي ترجمان موجب، 8 جولاءِ تي ملڪ ۾ سوڳ جو ڏهاڙو پڻ ملهايو ويندو، جنهن دوران سرڪاري سطح تي خاص تقريبون ۽ تعزيتي ميڙاڪا منعقد ڪيا ويندا.

جنازي ۽ سوڳوار تقريبن ۾ مختلف ملڪن جا سربراهه، پارلياماني اڳواڻ، پرڏيهي وزير ۽ خاص سرڪاري نمائندا پڻ شرڪت ڪندا.

آيت الله علي خامنه اي جي جنازي نماز ۽ تدفين جي تقريبن ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان مان سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني جي سربراهي ۾ هڪ وفد تهران پهچي چڪو آهي، جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف جي اڳواڻي ۾ اعليٰ سطحي وفد اڄ تهران روانو ٿيندو.

- Advertisement -

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پڻ تهران پهچي چڪو آهي، جتي سندس ايراني گهرو وزير اسڪندر مومني آجيان ڪئي.

شيڊول موجب، اڄ کان شروع ٿيندڙ تقريبن جي پڄاڻي 9 جولاءِ تي مشهد ۾ حرم امام رضا ۾ تدفين سان ٿيندي.

Share This Article
Leave a Comment