سپريم ڪورٽ جو سرڪاري ملازمن بابت اهم فيصلو

2 Min Read

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ سرڪاري ملازمن جي واڌاري بابت اهم فيصلو جاري ڪندي قرار ڏنو آهي ته ڪنٽريڪٽ سروس کي ريگيولر سروس ۾ شامل ڪري واڌاري لاءِ شمار نٿو ڪري سگهجي.

16 صفحن تي ٻڌل فيصلو جسٽس محمد علي مظهر لکيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڪنٽريڪٽ سروس کي سرڪاري ملازم جي قانوني تعريف ۾ شامل نٿو ڪري سگهجي، تنهن ڪري واڌاري لاءِ گهربل ملازمت جي مقرر مدي ۾ ڪنٽريڪٽ سروس کي ريگيولر سروس سان گڏ شمار ڪرڻ قانون جي غلط تشريح هوندي.

عدالت پنهنجي فيصلي ۾ واضح ڪيو ته جيڪڏهن ڪنٽريڪٽ سروس کي ريگيولر سروس ۾ شامل ڪيو وڃي ته اهو ڪنٽريڪٽ ملازمن کي شروعات کان ئي سول سرونٽ جو درجو ڏيڻ جي برابر هوندو، جيڪو وفاقي ۽ صوبائي سول سرونٽس ايڪٽس جي روح جي ابتڙ آهي.

سپريم ڪورٽ وڌيڪ چيو ته ڪنٽريڪٽ سروس کي واڌاري لاءِ ريگيولر سروس ۾ شامل ڪرڻ سان وفاقي ۽ صوبائي سول سرونٽس ايڪٽس ۾ موجود اها شق بي اثر ٿي ويندي، جيڪا ڪنٽريڪٽ ملازمن کي سول سرونٽ جي تعريف کان خارج ڪري ٿي. عدالت چيو ته “سرڪاري ملازمت” جي اصطلاح جي تشريح به سول سرونٽس ايڪٽس جي دائري کان ٻاهر نٿي ڪري سگهجي.

فيصلي ۾ سنڌ سول سرونٽس رولز 1975 جي رول 10 جو حوالو ڏيندي چيو ويو ته سرڪاري ملازم جي سينيارٽي هميشه سندس ريگيولر مقرري جي تاريخ کان شمار ڪئي ويندي، ۽ ڪنهن به مقرري کي ماضي کان ريگيولر قرار نٿو ڏئي سگهجي.

هي ڪيس محمد سليم شيخ طرفان سنڌ سروس ٽربيونل جي فيصلي خلاف داخل ڪيو ويو هو. درخواستگذار، جيڪو واپڊا جو ملازم هو، عدالت کان استدعا ڪئي هئي ته واڌاري لاءِ سندس ڪنٽريڪٽ واري ملازمت جو عرصو پڻ شمار ڪيو وڃي.

سنڌ سروس ٽربيونل اڳ ئي اها درخواست رد ڪري چڪو هو، جڏهن ته سپريم ڪورٽ پڻ ٽربيونل جو فيصلو برقرار رکندي اپيل رد ڪري ڇڏي.

Share This Article
Leave a Comment