تاريخ جو وڏو جنازو؟ ايران جي شهيد سپريم ليڊر آيت الله خامنا اِي جي جنازي نماز ڪير پڙهائيندو؟

3 Min Read

تهران ( ويب ڊيسڪ ) اسرائيل جي ميزائل حملي ۾  شهيد ٿي ويل ايران جي اڳوڻي سپريم اڳواڻ آيت الله علي خامنه اي جي آخري رسمن جي شروعات ٿي وئي آهي، ان موقعي تي هزارين سوگوارن جي موجودگيءَ ۾ علي خامنه اي جو تابوت مصليٰ ۾ آندو ويو.

آيت الله علي خامنه اي جي تدفين ۽ آخري رسمن جون تقريبون 9 جولاءِ تائين جاري رهنديون. سندس خاندان جي تدفين واريون تقريبون منظم ڪندڙن ايران ۽ عراق ۾ به ڪيترين ئي تقريبن جو اعلان ڪيو آهي.

ستن ڏينهن تي ٻڌل انهن تقريبن لاءِ پاسدارانِ انقلاب، سيڪيورٽي ادارن ۽ مختلف سرڪاري کاتن کي متحرڪ ڪيو ويو آهي، علي خامنه اي جي آخري رسمن ۾ شرڪت لاءِ مختلف ملڪن جا وفد مسلسل تهران پهچي رهيا آهن.

صدر مسعود پزشڪيان، پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف ۽ عدليه جي سربراهه غلام حسين سميت اعليٰ عملدارن ايراني عوام کي انهن تقريبن ۾ شرڪت جي اپيل ڪئي آهي.

تهران ۾ تقريبن جي نگراني ڪندڙ پاسدارانِ انقلاب جي سينيئر ڪمانڊر بريگيڊيئر جنرل حسن حسن زاده چيو آهي ته اختيارين کي هڪ ڪروڙ ويهه لک کان هڪ ڪروڙ پنجاهه لک ماڻهن جي شرڪت جي اميد آهي، جڏهن ته اهو انگ ٻه ڪروڙ تائين به پهچي سگهي ٿو.

تقريبن کان اڳ اختيارين ٻڌايو آهي ته زائرين جي خدمت لاءِ قائم ڪيل هزارين خدمتي مرڪزن، ڪيمپن ۽ استقباليه مرڪزن جي رجسٽريشن مڪمل ڪئي وئي آهي، ڏهه لک کان وڌيڪ ماڻهن جي رهائش جو بندوبست ڪيو ويو آهي، جڏهن ته تهران جي مرڪزي علائقن ۾ هجوم جي روانگي برقرار رکڻ لاءِ هڪ خاص شهري راهداري منصوبو پڻ تيار ڪيو ويو آهي.

سياسي، مذهبي ۽ سيڪيورٽي شخصيتن جي اها فهرست، جيڪي هن تقريب ۾ شرڪت لاءِ تهران پهچنديون، تقريب جي سڀ کان اهم هڪ سمجهي پئي وڃي.ڪجهه مبصرن جو خيال آهي ته ڪجهه ملڪن جي غيرموجودگي به پرڏيهي مهمانن جي موجودگي جيتري ئي سياسي اهميت رکي سگهي ٿي.

وزيراعظم شهباز شريف جي سربراهي ۾ اعليٰ سطحي وفد آخري رسمن ۾ شرڪت لاءِ  پهچي چڪو آهي، وفد ۾، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ٻيا شامل آهن.

ايران جي گهرو وزير اسڪندر مومني چيو آهي ته مختلف ملڪن جا صدر، پارليامينٽن جا اسپيڪر، وزيراعظم ۽ ٻيا وزير به هن تقريب ۾ شرڪت ڪندا.سرڪاري اختيارين جي دعويٰ آهي ته تقريب جي ڪوريج لاءِ 800 پرڏيهي صحافي تهران پهچندا.

Share This Article
Leave a Comment