استنبول ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۽ ترڪيهه پنهنجي واپاري ڪاٿو 5 ارب ڊالرز تائين پهچائڻ جو عزم ورجايو آهي. صدر رجب طيب اردوان چيو آهي ته ترڪيه ۽ پاڪستان هميشه هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهندا.
ترڪ صدر چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ سندس وفد کي ڀليڪار چئون ٿا. ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي تفصيلي ڳالهيون ٿيون، جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو.
اردوان چيو ته عالمي امن لاءِ اسلام آباد مفاهمتي يادداشت انتهائي اهم آهي، ترڪيه امن، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پاڪستان جي قدمن جي هميشه حمايت ڪندو. هن چيو ته واپار، سيڙپڪاري ۽ معاشي سهڪار وڌائڻ تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، جڏهن ته خصوصي اقتصادي زونز بابت لاڳاپيل وزارتون ويجها رابطا جاري رکنديون.
ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته شاندار آجيان ۽ ڀرپور ميزباني تي صدر اردوان جو ٿورائتو آهيان. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي عوام وچ ۾ دلين جا مضبوط لاڳاپا آهن ۽ جنگ هجي يا قدرتي آفت، ترڪيه هميشه پاڪستان سان گڏ بيٺو آهي.
وزيراعظم چيو ته مظفرڳڙهه سميت ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ترڪيه جي مدد تاريخ جو حصو بڻجي چڪي آهي، جڏهن ته زلزلي متاثر علائقن جي سماجي ۽ معاشي بحالي ۾ ترڪيه جي سهڪار جا به ٿورائتا آهيون.
شهباز شريف وڌيڪ چيو ته بي ٽو بي فورم دوران ترڪ واپاري برادري سان اهم ملاقاتون ٿيون، صدر اردوان سان جامع ۽ تعميري ڳالهه ٻولهه ٿي، خصوصي اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري ۽ واپار وڌائڻ تي اتفاق ٿيو، ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ 5 ارب ڊالرن جي ٻطرفي واپار جو هدف حاصل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون.
وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان قبرص واري معاملي تي ترڪيه جي مؤقف جي حمايت ڪري ٿو، جڏهن ته ڪشمير جي مسئلي تي ترڪيه جي واضح ۽ اصولي مؤقف تي صدر اردوان جا ٿورائتا آهيون.


