ڪراچي (رپورٽ: شاهد حسين) ڪراچي جي علائقي قائد آباد اسپتال چورنگي ويجهو هڪ مني بس اونڌي ٿيڻ سبب 2 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي مسافر زخمي ٿي پيا.
اطلاع ملندي ئي پوليس، رينجرز ۽ ايمبولينسز واقعي واري هنڌ پهچي امدادي ڪارروايون شروع ڪيون. فوتين جا لاش ۽ زخمين کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي.
پوليس موجب فوت ٿيل هڪ شخص جي سڃاڻپ سليم جي نالي سان ٿي آهي، جڏهن ته ٻئي فوتي ۽ زخمين جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي.
حادثي جا سبب معلوم ڪرڻ لاءِ پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته زخمين کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي.


