ايران جي شهيد سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اي جي جنازي نماز ادا، تدفين مشهد ۾ ٿيندي

1 Min Read

تهران (ويب ڊيسڪ): ايران جي شهيد سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اي جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ ايراني صدر مسعود پزشڪيان، پارليامينٽ جي اسپيڪر باقر قاليباف ۽ ٻين اعليٰ سرڪاري شخصيتن شرڪت ڪئي.

رپورٽن موجب تدفين کان اڳ آيت الله سيد علي خامنه اي جي مڙهه کي عراق جي مقدس شهرن نجف ۽ ڪربلا پڻ نيو ويندو، جڏهن ته کيس ايران جي شهر مشهد ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو.

واضح رهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل جي هلندڙ سال 28 فيبروري تي گڏيل حملي ۾ آيت الله سيد علي خامنه اي شهيد ٿي ويو هو، جنهن کانپوءِ هڪ هفتي اندر، يعني 8 مارچ تي ايران جي نئين سپريم ليڊر جي چونڊ ڪئي وئي هئي، جڏهن ته شهيد سپريم ليڊر جي تدفين فوري طور نه ڪئي وئي هئي.

گذريل ڏينهن شهيد آيت الله سيد علي خامنه اي ۽ ساڻس گڏ شهيد ٿيل سندس گهرڀاتين جا مڙهه تهران ۾ آخري ديدار لاءِ رکيا ويا هئا، جتي هزارين ماڻهن کين ڀيٽا پيش ڪئي.

Share This Article
Leave a Comment