گمبٽ (ممتاز ميمڻ) گمبٽ ڀرسان مبينا طور قتل ڪري ڪمند جي فصل ۾ لاش ڦٽو ڪرڻ واري واقعي کي 15 ڏينهن گذرڻ باوجود مقتول نوجوان صدام ڪلهوڙو جي قتل جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.
وارثن مقتول نوجوان جي امڙ راضل خاتون ۽ مقتول ڀيڻ شبانا ڪلهوڙو پوليس تي سستي ۽ جوابدارن جي سهڪار جا الزام لڳائيندي آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون موجب سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
هوڏانهن ايس ايڇ او گمبٽ جو چوڻ آهي ته واقعي جي هر رخ کان جاچ جاري آهي. لاش پراڻو هجڻ سبب ميڊيڪل رپورٽ مان موت جو سبب واضح نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته ڪجهه شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي ته جيئن اصل جوابدارن تائين پهچي سگهجي.


