اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڳالهين جو ايندڙ دور 11 جولاءِ تي اسلام آباد ۾ ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
عرب ميڊيا موجب ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڳالهين جو نئون دور پاڪستان ۾ شروع ٿي سگهي ٿو، جنهن جو مقصد سفارتي عمل کي ٻيهر بحال ڪرڻ آهي.
رپورٽن مطابق ڳالهين ۾ ايران تي لڳل عالمي پابندين جو خاتمو، منجمد اثاثن جي بحالي ۽ ايران جي ايٽمي پروگرام سميت اهم ۽ حساس معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي.
رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ايراني وفد جي شرڪت بابت باضابطا اعلان آيت الله سيد علي خامنه اي جي تدفين کان پوءِ ڪيو ويندو.
هي ڳالهيون واشنگٽن ۽ تهران وچ ۾ مهينن کان جاري اڻ سڌن رابطن جو حصو آهن، جن جو مقصد تڪرارن کي گهٽائڻ ۽ ايٽمي معاملي تي اڳڀرائي حاصل ڪرڻ آهي.


