گمبٽ (ممتاز ميمڻ) گمبٽ ويجهو روڊ حادثي ۾ ڳوٺ بهارو واسي چوپائي مال جو واپاري پيرسن فوت ٿي ويو.
رپورٽ موجب ڳوٺ بهارو جو رهواسي بشير احمد ملاح ڪارگو لوڊر تي چوپايو مال وڪرو ڪرڻ لاءِ هالاڻي مال پڙي وڃي رهيو هو ته قومي شاهراهه تي سندس گاڏي کي پويان ٽرالر ٽڪر هڻي ڇڏيو، جنهن سبب هو سخت زخمي ٿي پيو.
پيرسن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ گمس اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.
لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته ٽرالر ڊرائيور واقعي بعد فرار ٿي ويو.


