اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): موسميات کاتي ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ اڄ گرم ۽ گهميل موسم جي اڳڪٿي ڪئي آهي، جڏهن ته ميداني علائقن ۾ ڏينهن جو سخت گرمي برقرار رهڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب شام ۽ رات جي وقت ڪشمير، اپر خيبرپختونخوا، اتر اوڀر پنجاب ۽ پوٽوهار جي ڪجهه هنڌن تي گجگوڙ سان برسات ۽ ڪن هنڌن تي ڳڙو پوڻ يا تيز برسات جو امڪان آهي.
وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۽ ڀرپاسي ۾ ڏينهن جو گرم ۽ گهميل موسم رهندي، جڏهن ته شام يا رات دوران گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي.
پنجاب جي اڪثر ضلعن ۾ به گرم ۽ گهميل موسم جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، پر ڪجهه هنڌن تي گجگوڙ سان برسات پئجي سگهي ٿي. خيبرپختونخوا ۾ به ساڳي صورتحال رهندي، جڏهن ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ گرم ۽ خشڪ موسم جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
آزاد ڪشمير ۾ شام ۽ رات دوران ڪيترن ئي هنڌن تي برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته گلگت بلتستان ۾ ڪڪر ڇانيل رهڻ جي اميد آهي.


