جيڪب آباد: سول اسپتال مان آپريشن لاءِ داخل مريض بيدخل، پريس ڪلب آڏو احتجاج

1 Min Read

جيڪب آباد: (حاڪم علي) سول اسپتال ۾ آپريشن لاءِ گذريل ٻن ڏينهن کان داخل ڪيل ڪيترن ئي مريضن کي بنا آپريشن جي اسپتال مان بيدخل ڪرڻ خلاف متاثر مريضن پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

احتجاج دوران مريضن نعريبازي ڪندي الزام هنيو ته هو ٻن ڏينهن کان آپريشن جي انتظار ۾ اسپتال ۾ داخل هئا، جنهن سبب کين کائڻ پيئڻ کان به روڪيو ويو، پر آپريشن ڪرڻ بدران کين جواب ڏئي اسپتال مان ڪڍيو ويو.

احتجاج ڪندڙ مريضن سهراب جتوئي، محمد عمر بروهي ۽ روشن دايو چيو ته هو سخت تڪليف ۾ مبتلا آهن ۽ بنا علاج جي بيدخل ڪرڻ ساڻن وڏي ناانصافي ۽ ظلم آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته صحت واري صوبائي وزير معاملي جو فوري نوٽيس وٺي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪري ۽ سندن علاج ۽ آپريشن کي يقيني بڻايو وڃي.

Share This Article
Leave a Comment