ميرپورخاص سينٽرل جيل جو قيدي اسپتال ۾ علاج دوران فوت

2 Min Read

ميرپورخاص (امجد خاصخيلي) ميرپورخاص سينٽرل جيل جو هڪ هيٺين عدالت ۾ هلندڙ ڪيس وارو قيدي طبيعت خراب ٿيڻ سبب سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هو علاج دوران فوت ٿي ويو.

جيل انتظاميا موجب قيدي محمد يوسف پٽ علي مراد ٽالپر کي سيني ۾ تڪليف ۽ هاءِ بلڊ پريشر جي شڪايت ٿيڻ تي جيل جي ميڊيڪل آفيسر جي سفارش تي فوري طور سول اسپتال ميرپورخاص منتقل ڪيو ويو. ايمرجنسي ۾ ابتدائي طبي امداد فراهم ڪرڻ بعد سندس حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کيس ڪارڊيو وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو، پر هو علاج دوران دم ڏئي ويو.

جيل انتظاميا موجب محمد يوسف کي 4 جولاءِ 2026ع تي ٿاڻو بي سيڪشن ٽنڊوالهيار پوليس گرفتار ڪري سول جج ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ ٽئين ٽنڊوالهيار جي عدالت مان جڊيشل ريمانڊ تي سينٽرل جيل ميرپورخاص منتقل ڪيو هو.

جيل رڪارڊ موجب فوتي خلاف ٿاڻو بي سيڪشن ٽنڊوالهيار ۾ پاڪستان پينل ڪوڊ جي قلم 506 (ii)، 504، 337-F(i) ۽ 34 تحت ڪيس داخل ٿيل هو، جنهن ۾ جان کان مارڻ جون ڌمڪيون، گارگند، زخمي ڪرڻ ۽ ٻين الزامن جا قلم شامل هئا.

جيل انتظاميا جو چوڻ آهي ته ضروري قانوني ڪارروائي مڪمل ڪرڻ بعد فوتي جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته واقعي بابت وڌيڪ ضابطي موجب ڪارروائي پڻ جاري آهي.

Share This Article
Leave a Comment