تلهار ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن جو احتجاج، حيدرآباد-بدين روڊ بلاڪ

2 Min Read

تلهار (رپورٽر) تلهار ۽ يوسي لکي ميرواهه جي آبادگارن زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف مين حيدرآباد-بدين روڊ تي ميرواهه ڪئنال وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، جنهن سبب روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون.

احتجاج ڪندڙ آبادگارن جو چوڻ آهي ته ميرواهه ڪئنال جو گيج مڪمل نه ڪرڻ، سکر ڊائون تان ڪوٽڙي بئراج کي مڪمل پاڻي نه ڏيڻ ۽ علي پور ريگيوليٽر تي مبينا غيرمنصفاڻي ورڇ سبب ميرواهه ڪئنال، مورجهر، نصير واهه، ماڻڪ واهه ۽ ڍوڪيا واهه سميت مختلف واهن ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي.

آبادگارن شهزاد علي گاڏهي، امداد لاشاري، محمد بخش لغاري، اعجاز علي احمداڻي، محمد اسلم لغاري ۽ ٻين چيو ته ايم ڊي سيڊا ۽ لاڳاپيل آبپاشي عملدارن پاران ميرواهه ڪئنال جو گيج مڪمل نه ڪرڻ سبب سوين زميندار مهانگي اگهه تي ڊيزل انجڻين ذريعي پاڻي حاصل ڪرڻ تي مجبور آهن.

هنن الزام لڳايو ته پاڻي جي کوٽ سبب فصلن کي نقصان پهچي رهيو آهي، جڏهن ته اڳ ئي فصلن جا اگهه نه ملڻ ڪري آبادگار پريشان آهن. سندن چوڻ هو ته زرعي پاڻي سندن آئيني، قانوني ۽ شرعي حق آهي، جيڪو کين مڪمل فراهم ڪيو وڃي.

مظاهرين مطالبو ڪيو ته ميرواهه ڪئنال جو گيج فوري طور تي مڪمل ڪري 11 فوٽن تائين پاڻي فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رکيو ويندو. ڌرڻي دوران آبادگار پاڻي جي کوٽ خلاف نعريبازي ڪندا رهيا.

Share This Article
Leave a Comment