واشنگٽن/تهران (ويب ڊيسڪ): آمريڪي فوج ايران خلاف نوان حملا ڪيا آهن، جڏهن ته ايران جي تيل جي وڪري تي به ٻيهر سخت پابنديون لاڳو ڪيون ويون آهن، جن تي ايران سخت مذمت ڪندي جواب ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.
آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ موجب هرمز لنگهه مان گذرندڙ ٽن واپاري جهازن تي مبينا ايراني حملن جي جواب ۾ ڪارروائي ڪئي وئي. آمريڪي اختيارين دعويٰ ڪئي آهي ته حملن دوران ايران جي فضائي دفاعي نظام، ميزائل ۽ ڊرون مرڪزن کي نشانو بڻايو ويو. آمريڪي بيان موجب ايران جي ڪارروائي غيرضروري، خطرناڪ ۽ جنگبندي جي ڀڃڪڙي هئي.
هوڏانهن ايراني ميڊيا موجب ڏاکڻي سامونڊي شهر سرڪ ۾ ڇهه ميزائل ڪريا، جنهن سبب بندرگاهه تي واپاري ۽ مڇي مارڻ وارا هنڌ متاثر ٿيا ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا. رپورٽن موجب خارگ ٻيٽ، قشم ۽ بندر عباس ۾ به ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا، جڏهن ته بندر عباس ڀرسان مڇي ماريندڙن جي ڪيترين ئي ٻيڙين کي باهه لڳي وئي.
عراق ۾ جنازي جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ ويل ايران جو صدر مسعود پزشڪيان حملن کانپوءِ پنهنجو دورو مختصر ڪري وطن واپس روانو ٿي ويو.
ٻئي پاسي آمريڪا ايران جي تيل جي وڪري تي لاڳو رعايت به محدود ڪري ڇڏي آهي. ايران جي پرڏيهي وزارت آمريڪي قدم جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته آمريڪا مفاهمتي يادداشت جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي ۽ پيدا ٿيل صورتحال جو ذميوار به آمريڪا آهي.
ايران جي پرڏيهي وزارت موجب ملڪ پنهنجي قومي مفادن ۽ سلامتي جي تحفظ لاءِ مناسب جواب ڏيندو. ياد رهي ته مفاهمتي يادداشت تحت آمريڪا 21 آگسٽ تائين ايران کي تيل وڪڻڻ جي اجازت ڏني هئي، پر هاڻي اها مدي گهٽائي 17 جولاءِ تائين محدود ڪئي وئي آهي.
آمريڪا جو چوڻ آهي ته اهي نيون پابنديون آبنائي هرمز ۾ ٿيل حملن جي نتيجي ۾ لاڳو ڪيون ويون آهن.


