انقرا ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته آمريڪا ترڪي تي 2020ع کان لاڳو پابنديون ختم ڪرڻ وارو آهي، جنهن کي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي.
نيٽو سربراهي اجلاس جي موقعي تي ترڪ صدر رجب طيب اردگان سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي ٽرمپ چيو ته ترڪي، اردگان جي قيادت ۾ فوجي لحاظ کان تمام مضبوط ٿيو آهي. هن چيو ته پابنديون ختم ڪرڻ سان آمريڪا ۽ ترڪي جي دفاعي ۽ سفارتي لاڳاپن ۾ نئون باب کلي ويندو.
ٻئي طرف صدر اردگان اميد ظاهر ڪئي ته F-35 جنگي جهازن واري معاملي تي به مثبت فيصلو سامهون ايندو. هن چيو ته ٽرمپ سان ملاقات ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ حوصلا افزا ثابت ٿي آهي.
اردگان چيو ته ترڪي ايران ۽ آمريڪا جي لاڳاپن کي مضبوط بنيادن تي آڻڻ سان گڏ عالمي امن لاءِ به سرگرم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته نيٽو اجلاس دوران ٽرمپ سان روس-يوڪرين جنگ ۽ غزه جي صورتحال تي پڻ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿيندي.
واضح رهي ته آمريڪا 2020ع ۾ روس کان S-400 فضائي دفاعي نظام خريد ڪرڻ تي ترڪي خلاف CAATSA قانون تحت پابنديون لاڳو ڪيون هيون. واشنگٽن جو موقف هو ته روسي دفاعي نظام نيٽو جي سيڪيورٽي ۽ آمريڪي F-35 جنگي جهازن لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿو.


