خيرپور ۾ مبينا زهريلو کير پيئڻ سبب 20 ڄڻا بيهوش، 3 جي حالت ڳڻتي جوڳي

1 Min Read

خيرپور (شڪيل جانوري) خيرپور جي پيرڳوٺ شهر جي شاهي بازار ۾ مبينا طور زهريلو کير پيئڻ سبب ٻارڙن، عورتن ۽ مردن سميت 20 ڄڻا بيهوش ٿي پيا، جن کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو.

متاثر ٿيندڙن ۾ شڪيلا، زبير، جليل، عريبا، مجيب، نثار، عبدالصمد، عبدالسميع، امين علي، محمد عمير ۽ ٻيا شامل آهن. ڊاڪٽرن موجب متاثرن مان 3 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري کين سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو.

بيهوش ٿيلن جي وارثن جو چوڻ آهي ته هنن ٻاهران کير خريد ڪري استعمال ڪيو، جنهن کانپوءِ گهرن ۾ موجود ٻارڙا، عورتون ۽ مرد هڪ هڪ ڪري بيهوش ٿيندا ويا.

ٻئي طرف ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته متاثرن جا نمونا (سيمپل) ليبارٽري اماڻيا ويا آهن، جن جي رپورٽ اچڻ کانپوءِ خبر پوندي ته کير ۾ ڪهڙو زهريلو مادو موجود هو.

ڊاڪٽرن موجب متاثرن کي فوري طور علاج ۽ معدي جي صفائي (واش) ڪئي وئي آهي ۽ هن وقت سندن حالت خطري کان ٻاهر آهي، جڏهن ته وڌيڪ جاچ جاري آهي.

Share This Article
Leave a Comment