ملير جي ڀينس ڪالوني ۾ نجي ڪلينڪ مان عورت جو لاش هٿ، عطائي ڊاڪٽر فرار

1 Min Read

ملير (شاهد ڇڄڙو) ملير جي ڀينس ڪالوني واري علائقي ۾ قائم هڪ نجي ڪلينڪ مان عورت جو لاش هٿ آيو آهي، جنهن بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

پوليس موجب فوت ٿيل عورت جي سڃاڻپ مسلم ليگ ڪالوني جي رهواسڻ راني زال مومن طور ٿي آهي.

وارثن جو چوڻ آهي ته عورت بخار ۾ مبتلا هئي ۽ علاج لاءِ علائقي جي هڪ نجي ڪلينڪ تي دوائون وٺڻ آئي هئي، جتي کيس ڊرپ لڳائي وئي، جنهن ۾ ڪجهه انجيڪشن به شامل ڪيا ويا. وارثن موجب ڊرپ لڳڻ کانپوءِ عورت جي طبيعت اوچتو خراب ٿي وئي ۽ هوءَ فوت ٿي وئي.

پوليس جو چوڻ آهي ته لاڳاپيل ڪلينڪ مبينا طور هڪ عطائي هلائي رهيو هو، جيڪو واقعي کانپوءِ فرار ٿي ويو آهي.

پوليس موجب فوت ٿيل عورت جو پوسٽ مارٽم ڪرايو پيو وڃي، جڏهن ته وارثن جي درخواست تي جوابدار خلاف قانون موجب ڪيس داخل ڪيو ويندو ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي.

Share This Article
Leave a Comment