حيدرآباد (ذاڪر لغاري): حيدرآباد ۾ غيرقانوني طور رهندڙ پرڏيهي شهرين خلاف پوليس ۽ ضلعي انتظاميا جون گڏيل ڪارروايون جاري آهن. تازي ڪارروائي دوران قانوني جاچ ۽ تصديق کانپوءِ 49 افغان شهرين کي ضابطن موجب سندن ملڪ واپس اماڻيو ويو.
پوليس موجب ڊي آءِ جي حيدرآباد رينج طارق رزاق خان ڌاريجو ۽ ايس ايس پي حيدرآباد شاهزيب چاچڙ جي هدايتن تي ضلعي انتظاميا جي سهڪار سان مختلف علائقن ۾ رهندڙ افغان شهرين جي سڃاڻپ، دستاويزن جي جاچ ۽ قانوني تصديق جو عمل مڪمل ڪيو ويو.
پوليس موجب هولڊنگ پوائنٽ تي اسسٽنٽ ڪمشنر نور حسين جي نگراني ۾ سمورا قانوني ۽ انتظامي مرحلا مڪمل ڪرڻ کانپوءِ 49 غيرقانوني افغان شهرين کي وطن واپس روانو ڪيو ويو.
حيدرآباد پوليس جو چوڻ آهي ته غيرقانوني طور رهندڙ پرڏيهي شهرين خلاف قانون موجب ڪارروايون مستقبل ۾ به جاري رهنديون، جڏهن ته شهر ۾ امن امان برقرار رکڻ ۽ شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا.


