ڪراچي (ويب ڊيسڪ): جڳ مشهور سنڌي گلوڪار طفيل خان سنجراڻي جي طبيعت اوچتو ناساز ٿيڻ سبب کين فوري طور ڪراچي جي ڊائو ميڊيڪل اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب طفيل خان سنجراڻي کي ڊائو اسپتال جي ايمرجنسي شعبي ۾ داخل ڪيو ويو آهي، جتي ماهر ڊاڪٽرن جي نگراني هيٺ سندن علاج جاري آهي.
سندس وارثن پاران مداحن کي اپيل ڪئي وئي آهي ته هو طفيل خان سنجراڻي جي جلد ۽ مڪمل صحتيابي لاءِ خاص دعائون ڪن.
ياد رهي ته طفيل خان سنجراڻي سنڌ جي مشهور لوڪ گلوڪارن مان هڪ آهن ۽ ملڪ توڙي پرڏيهه ۾ پنهنجي فن سبب سڃاڻپ رکي ٿو.


