لاڙڪاڻي ۾ پوليس 43 دڪان سيل ڪري ڇڏيا، دڪاندارن جو احتجاج

1 Min Read

لاڙڪاڻو (رپورٽر) لاڙڪاڻي شهر ۾ مارڪيٽ ٿاڻي ڀرسان پوليس شاپنگ سينٽر ۾ قائم 43 دڪان پوليس طرفان سيل ڪرڻ خلاف دڪاندارن احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري سخت نعريبازي ڪئي.

احتجاج ڪندڙ دڪاندارن امان الله شيخ، عبدالحميد شيخ، درشن لال ۽ ٻين چيو ته هو گذريل 50 سالن کان اهي دڪان هلائي رهيا آهن، جيڪي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ کين الاٽ ڪيا ويا هئا ۽ هو باقاعدي مسواڙ پوليس ويلفيئر ٽرسٽ ۾ جمع ڪرائيندا رهيا آهن.

دڪاندارن جو چوڻ هو ته دڪانن بابت ڪيس سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ۾ هلندڙ آهي، جنهن جي ٻڌڻي 10 جولاءِ تي مقرر آهي، پر ان کان اڳ کين بنا ڪنهن نوٽيس جي دڪان سيل ڪري روزگار کان محروم ڪيو ويو.

احتجاج ڪندڙن پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي سندن دڪان کولرائي کين روزگار جاري رکڻ جو موقعو ڏنو وڃي.

Share This Article
Leave a Comment