بلوچستان ۾ 54 دهشتگرد ماريا ويا، ملڪ جي دفاع ۾ 42 جوان شهيد: ڊي جي آءِ ايس پي آر

4 Min Read

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته بلوچستان ۾ گذريل چئن ڏينهن دوران دهشتگردي جا ٽي وڏا واقعا پيش آيا، جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪاررواين دوران 54 دهشتگرد ماريا ويا، ملڪ جو دفاع ڪندي 42 جوانن شهادت ماڻي.

بلوچستان جي امن امان واري صورتحال بابت پريس بريفنگ ڏيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته فتنه الخوارج سان لاڳاپيل دهشتگردن معصوم شهرين کي پنهنجو نشانو بڻايو، پر بلوچستان جي بهادر عوام ۽ پوليس دليري سان انهن جو مقابلو ڪيو.

هن ٻڌايو ته پهريون واقعو 4 ۽ 5 جولاءِ جي وچ واري رات هنه اوڙڪ واري علائقي ۾ پيش آيو، جتي دهشتگردن عوام تي حملو ڪيو. مقامي ماڻهن بهادري سان مقابلو ڪندي علائقو دهشتگردن کان خالي ڪرايو، جنهن دوران 4 شهري شهيد ۽ 6 زخمي ٿيا.

ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب ٻيو واقعو 6 جولاءِ تي مانگي ڊيم جي پمپنگ اسٽيشن ويجهو پوليس چيڪ پوسٽ تي پيش آيو، جتي دهشتگردن حملو ڪيو. پوليس اهلڪارن بهادري سان مقابلو ڪندي 15 دهشتگرد ماريا، جڏهن ته ويڙهه دوران 9 پوليس اهلڪار شهيد ٿيا.

هن وڌيڪ چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي پهچڻ کان اڳ دهشتگردن ڪجهه پوليس اهلڪارن کي يرغمال بڻائي ورتو هو. فورسز احتياط سان دهشتگردن جو گهيرو تنگ ڪيو، پر جڏهن دهشتگردن کي محسوس ٿيو ته هو گهيري ۾ اچي ويا آهن ته هنن 18 يرغمال پوليس اهلڪارن کي شهيد ڪري ڇڏيو.

ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب مانگي چيڪ پوسٽ واري واقعي ۾ هينئر تائين 27 پوليس اهلڪار شهيد ٿي چڪا آهن، جڏهن ته ان واقعي ۾ مجموعي طور 26 دهشتگرد ماريا ويا آهن. هن چيو ته زيارت جي جبلن ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن جاري آهي ۽ مارجي ويل دهشتگردن جو انگ وڌيڪ به ٿي سگهي ٿو.

هن ٻڌايو ته ٽيون واقعو اڄ بيلا ۾ پيش آيو، جتي فوجي قافلي ۽ بي ايل اي جي هٿياربندن وچ ۾ مقابلو ٿيو. ان مقابلي ۾ 14 دهشتگرد ماريا ويا، جڏهن ته پاڪ فوج جو هڪ جونيئر ڪمشنڊ آفيسر ۽ 10 جوان شهيد ٿيا.

ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب خاران ۽ دالبندين ۾ به آپريشن ڪيا ويا، جتي خاران ۾ 6 ۽ دالبندين ۾ 8 دهشتگرد ماريا ويا.

هن چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪاررواين دوران هينئر تائين مجموعي طور 54 دهشتگرد ماريا ويا آهن، جڏهن ته دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن جي خاتمي لاءِ آپريشن جاري رهندا.

ڊي جي آءِ ايس پي آر  جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي واقعن ۾ ڀارت ملوث آهي، جڏهن ته افغانستان جي سرزمين به پاڪستان خلاف استعمال ٿي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته ڪيترن ئي مارجي ويل دهشتگردن جو تعلق افغانستان سان هو ۽ کين افغان طالبان جي حڪومت جي سهولت حاصل هئي.

هن وڌيڪ چيو ته رياست واضح ڪري چڪي آهي ته اهي دهشتگرد بلوچستان يا بلوچ قوم جي نمائندگي نٿا ڪن ۽ نه ئي انهن جو اسلام سان ڪو تعلق آهي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪستان، فوج، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا دهشتگردي خلاف جنگ جاري رکندا، هر دهشتگرد ۽ سندس سهولتڪارن جو تعاقب ڪيو ويندو ۽ ملڪ جي سلامتي ۽ استحڪام تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪيو ويندو.

Share This Article
Leave a Comment