ڳڙهي خيرو (رپورٽ: علي نواز ملغاڻي): دائوجهانپور ڀرسان تاجو ديرو ٿاڻي جي حد ۾ الحاج نبي بخش خان اوڍو جي رائيس مل تي اڻڄاتل هٿياربندن رات دير سان ڌاڙو هڻي چوڪيدار مکڻو بروهي کي يرغمال بڻائي ورتو.
ڌاڙيل رائيس مل مان ٽرانسفارمر جا قيمتي ڪوائل ۽ چوڪيدار جي بيٺل موٽر سائيڪل ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا.
واقعي جي اطلاع تي علائقي واسي وڏي انگ ۾ رائيس مل تي پهتا، جڏهن ته تاجو ديرو پوليس به واقعي واري هنڌ پهچي جاچ شروع ڪري ڇڏي. پوليس ثبوت گڏ ڪندي واقعي واري هنڌ تان فنگر پرنٽ به حاصل ڪيا آهن.
ايس ايڇ او علي اڪبر ملڪ موجب فنگر پرنٽن جي رپورٽ اچڻ کانپوءِ وڌيڪ حقيقتون سامهون اينديون، جڏهن ته واقعي جي هر رخ کان جاچ جاري آهي. هن چيو ته اميد آهي ته ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري قانون جي حوالي ڪيو ويندو.


