ام رباب جي مائٽ رياض چانڊيو قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي، 4 جوابدار گرفتار

2 Min Read

دادو (اي بي خشڪ): ام رباب چانڊيو جي ٽن گهر ڀاتين جي قتل ڪيس جي شاهد رياض چانڊيو جي قتل واري ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي. ميهڙ پوليس ڪارروائي ڪندي ڪيس ۾ نامزد 4 جوابدار محمد صفر چانڊيو، احمد رضا پريل، ذوالفقار چانڊيو ۽ هڪ ٻئي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

گذريل ڏينهن رياض چانڊيو جي قتل جو ڪيس فريد آباد ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ 10 سڃاتل ۽ 2 اڻڄاتل جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو آهي.

پوليس موجب مرڪزي جوابدار غلام مرتضيٰ چانڊيو، عبدالستار، علي جان، علي دوست، عبدالرحيم ۽ سڪندر اڃا تائين گرفتار نه ٿي سگهيا آهن.

فريادي احسان چانڊيو ايف آءِ آر ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته رياض چانڊيو کي ٽيڻي قتل ڪيس ۾ شاهد بڻجڻ سبب قتل ڪيو ويو.

ياد رهي ته ام رباب چانڊيو جي والد، ڏاڏي ۽ چاچي جي ٽيڻي قتل ڪيس ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي ٻن ايم پي ايز سميت 8 جوابدار اڳ ئي عدالت مان بري ٿي چڪا آهن، جڏهن ته ام رباب چانڊيو ان فيصلي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ اپيل داخل ڪري رکي آهي.

هوڏانهن ام رباب چانڊيو رياض چانڊيو جي قتل واري واقعي جو چيف آف آرمي اسٽاف کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

Share This Article
Leave a Comment