اڳوڻو ايراني سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي مشهد ۾ امام رضا جي روضي ڀرسان مٽي ماءُ حوالي

2 Min Read

مشهد (ويب ڊيسڪ): ايران جي اڳوڻي سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اي کي خميس ڏينهن اتر اوڀر واري شهر مشهد ۾ حضرت امام رضا عليه السلام جي روضي ڀرسان لکين سوڳوارن جي موجودگي ۾ جنازي نماز کانپوءِ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، جنهن سان ملڪ ۾ جاري ڇهن ڏينهن واريون سوڳ واريون تقريبون پڄاڻي تي پهتيون.

ايراني سرڪاري ميڊيا موجب جنازي نماز آيت الله مصطفيٰ خامنه اي پڙهائي، جنهن ۾ لکين ماڻهن شرڪت ڪئي. جنازي کان اڳ تابوت کي مشهد جي گهٽين مان جلوس جي صورت ۾ روضي ڏانهن آندو ويو، پر غيرمعمولي هجوم سبب آخري مرحلي ۾ تابوت کي هيليڪاپٽر ذريعي مزار تائين پهچايو ويو.

رپورٽن موجب آيت الله علي خامنه اي کي پنهنجي خاندان جي ڪجهه فردن جي ڀرسان روضي جي احاطي ۾ دفنايو ويو.

ياد رهي ته آيت الله علي خامنه اي 28 فيبروري 2026ع تي ايران تي ٿيل گڏيل آمريڪي ۽ اسرائيلي حملي ۾ شهيد ٿيو هو جنهن کانپوءِ ايران جي مختلف شهرن سميت تهران، قم ۽ عراق ۾ به سندس ياد ۾ سوڳ ۽ تعزيتي تقريبون منعقد ڪيون ويون.

آيت الله علي خامنه اي 19 اپريل 1939ع تي مشهد ۾ ڄائو. هو اسلامي انقلاب کان اڳ شاهه محمد رضا پهلوي جي مخالفن ۾ شامل رهيو ۽ ڪيترائي ڀيرا گرفتار پڻ ٿيو.

اسلامي انقلاب کانپوءِ هن مختلف اهم سرڪاري عهدن تي خدمتون انجام ڏنيون، 1981ع کان 1989ع تائين ايران جو صدر رهيو ۽ جون 1989ع ۾ آيت الله روح الله خميني جي وفات کانپوءِ ايران جو سپريم ليڊر چونڊيو ويو.

هو لڳ ڀڳ 37 سالن تائين ايران جي طاقتور سياسي ۽ مذهبي شخصيت طور خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. سندس شهادت کانپوءِ ايران جي مجلس خبرگان سندس پٽ مجتبيٰ خامنه اي کي نئون سپريم ليڊر مقرر ڪيو، جيڪو زخمي ٿيڻ سبب اڃا تائين عوامي منظر تي ظاهر نه ٿيو آهي.

Share This Article
Leave a Comment