نوشهروفيروز (محمد عادل عباسي) نوشهروفيروز جي وارڊ نمبر 8، ذردار ڪالوني جي رهواسڻ مسمات سڪينه پنهنجي ٻارن سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام لڳايو آهي ته سندس مڙس عبدالله سيال کيس گهر مان ڪڍي ڇڏيو آهي ۽ ٻارن جي خرچ جو مطالبو ڪرڻ تي کيس ڌمڪيون ۽ تشدد جو نشانو بڻايو ويو.
هن چيو ته سندس شادي کي 20 سال ٿي چڪا آهن، پر هاڻي مڙس کيس گهران ڪڍي ڇڏيو آهي، جنهن سبب هوءَ پنهنجي والد جي گهر رهڻ تي مجبور آهي. سندس چوڻ هو ته هن نوشهروفيروز جي عدالت مان تحفظ جو حڪم پڻ حاصل ڪيو آهي، پر ان باوجود کيس مسلسل ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن.
مسمات سڪينه آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد، ايس ايس پي نوشهروفيروز ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کي اپيل ڪئي ته کيس ۽ سندس ٻارن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ ٻارن جي خرچ جي ادائيگي کي يقيني بڻايو وڃي.
هن چيو ته جيڪڏهن کيس يا سندس ٻارن کي ڪو به نقصان پهتو ته ان جو ذميوار سندس مڙس عبدالله سيال هوندو.


