ڪراچي (رپورٽر): ميرپورخاص ۾ جعلي عامل سان واڳيل مبينا زيادتي واري افسوسناڪ واقعي جو گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار نوٽيس وٺي ڇڏيو.
گهرو وزير ايس ايس پي ميرپورخاص کان واقعي جي تفصيلي رپورٽ فوري طور طلب ڪري ورتي آهي.
هن هڪ نينگري جي فوت ٿيڻ ۽ ٻي متاثر ڇوڪري جي ڳڻتي جوڳي حالت تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي آهي ته متاثر ڇوڪري کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.
ضياءَ الحسن لنجار چيو ته واقعي جي جاچ هر رخ کان شفاف ۽ ميرٽ تي ڪئي وڃي، جڏهن ته ڪنهن به ذميوار کي رعايت نه ڏني ويندي.
هن جعلي عاملن ۽ عوام کي دوکو ڏيندڙ عنصرن خلاف ڀرپور ڪارروائي جو حڪم ڏيندي چيو ته عورتن ۽ ٻارن خلاف ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن سان ڪا به رعايت نه ڪئي ويندي، قانون پنهنجي پوري طاقت سان حرڪت ۾ ايندو.
گهرو وزير ايس ايس پي ميرپورخاص کي هدايت ڪئي ته واقعي جا سمورا ثبوت محفوظ ڪيا وڃن ۽ مضبوط چالان عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، جڏهن ته جاچ جي اڳڀرائي بابت مسلسل آگاهه رکيو وڃي.


