ڪراچي (رپورٽر): تعليم بابت اسپيشل ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر اويس قادر شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اڄ ڪميٽي جو ٻيو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ويٽنگ اميدوارن ۽ خالي پيل جاين بابت تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون.
هن چيو ته پهرين اجلاس ۾ اهو جائزو ورتو ويو ته ڪيترا ويٽنگ اميدوار موجود آهن ۽ ڪيتريون جايون خالي آهن، جنهن بابت تعليم واري وزير تفصيل فراهم ڪيا.
اويس قادر شاهه موجب جونيئر سائنس ٽيچر (JST) جي ڀرتين بابت فيصلو ڪيو ويو آهي ته 55 مارڪون حاصل ڪندڙ اميدوارن کي پاس تصور ڪيو ويندو ۽ جونيئر سائنس ٽيچر جي اميدوارن کي اپائنٽ ڪيو ويندو.
هن ٻڌايو ته ارلي چائلڊ هوڊ ٽيچر (ECT) جي معاملي ۾ نياڻين کي موقعو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته عدالت جي فيصلي موجب 55 کان گهٽ مارڪون حاصل ڪندڙن کي نوڪريون نه ڏنيون وينديون.
صوبائي وزير چيو ته ارلي چائلڊ ٽيچر جون پاس ڪندڙ تقريبن 500 اميدوار نياڻين کي 15 ڏينهن اندر آفر ليٽر جاري ڪيا ويندا.
اويس قادر شاهه وڌيڪ چيو ته جي اي ايس ٽي ۽ پي ايس ٽي ڀرتين بابت عدالت ۾ هلندڙ ڪيس جو معاملو سامهون آيو آهي، جنهن تي قانون واري کاتي سان صلاح مشورو ڪيو ويندو ته اڳتي ڪهڙو قانوني رستو اختيار ڪري سگهجي ٿو.


