ملير ۾ سوئمنگ پول ۾ وهنجندي نوجوان ٻڏي فوت، سڃاڻپ نه ٿي سگهي

1 Min Read

ملير: (شاهد ڇڄڙو) شاهه لطيف ٿاڻي جي حد ۾ مرغي خاني ڀرسان مرحبا شادي هال ويجهو سوئمنگ پول ۾ وهنجڻ دوران هڪ نوجوان ٻڏي فوت ٿي ويو.

واقعي جي اطلاع ملڻ تي پوليس فوري طور واقعي واري هنڌ پهچي ضروري ڪارروائي کانپوءِ لاش ايمبولينس ذريعي جناح اسپتال ڪراچي منتقل ڪري ڇڏيو.

پوليس موجب سوئمنگ پول ۾ ٻڏي فوت ٿيل نوجوان جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، جڏهن ته سندس عمر اٽڪل 20 سال ٻڌائي پئي وڃي.

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ نوجوان جي سڃاڻپ لاءِ به قدم کنيا پيا وڃن.

Share This Article
Leave a Comment