گمبٽ ۾ ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي، 6 گودام سيل

1 Min Read

گمبٽ: (ممتاز ميمڻ) ڊپٽي ڪمشنر خيرپور جي حڪم تي ڪڻڪ غيرقانوني طور ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪندي اسسٽنٽ ڪمشنر گمبٽ صلاح الدين گهمرو 6 گودام سيل ڪري ڇڏيا.

اي سي گمبٽ اڳڙا روڊ ڀرسان ڇاپا هڻي ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙ واپارين جا گودام سيل ڪيا.

اسسٽنٽ ڪمشنر گمبٽ موجب ڪڻڪ غيرقانوني طور ذخيرو ڪرڻ قانوني ڏوهه آهي، جنهن خلاف ڪارروائي جاري رهندي.

هن ٻڌايو ته ڪارروائي دوران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙ واپارين دليپ ڪمار، آسودو مل، رنجيت ڪمار، پرڪاش مل، نريش ڪمار سميت ٻين جا گودام سيل ڪيا ويا آهن.

انتظاميا موجب ذخيره اندوزي خلاف وڌيڪ ڪارروايون پڻ جاري رکيون وينديون.

Share This Article
Leave a Comment