نوشهروفيروز: (محمد عادل عباسي) سنڌ وائيس تي پڊعيدن لنڪ روڊ تي قائم روهڙي پل جي زبون حالي بابت خبر نشر ٿيڻ کانپوءِ ضلعي انتظاميا تحرڪ ۾ اچي وئي ۽ لاڳاپيل کاتي پل جي مرمت ۽ تعميراتي ڪم جي شروعات ڪري ڇڏي.
واضح رهي ته پڊعيدن لنڪ روڊ تي قائم روهڙي پل ڊگهي عرصي کان خراب حالت جو شڪار هئي، جنهن سبب روزانو ايندڙ ويندڙ مسافرن، شاگردن ۽ علائقي واسين کي سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوندو هو. پل جي خراب حالت سبب ڪنهن به وقت وڏي حادثي جو خدشو پڻ ظاهر ڪيو پئي ويو.
سنڌ وائيس عوامي مسئلي کي اجاگر ڪندي پل جي زبون حالت بابت خبر نشر ڪئي، جنهن کانپوءِ ضلعي انتظاميا فوري نوٽيس وٺندي مرمت ۽ تعميراتي ڪم شروع ڪرائي ڇڏيو.
علائقي جي رهواسين ۽ مسافرن پل جي مرمت جو ڪم شروع ٿيڻ تي خوشي جو اظهار ڪندي سنڌ وائيس جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ڪم جلد مڪمل ڪيو ويندو، جيئن اچ وڃ محفوظ ۽ آسان بڻجي سگهي.


