اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي آئيني عدالت ڪراچي جي مشهور نسلا ٽاور کي ڊاهڻ بابت سپريم ڪورٽ جا 2018ع ۽ 2019ع وارا حڪم واپس وٺي ڇڏيا آهن.
وفاقي آئيني عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته غيرقانوني اڏاوتن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو بنيادي اختيار عدليه جو نه، پر صوبائي حڪومت جو آهي. عدالتن کي صرف پنهنجي سامهون موجود تڪرار تائين محدود رهڻ گهرجي ۽ غيرضروري معاملن ۾ مداخلت کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
عدالت موجب، سپريم ڪورٽ ٻڌڻي هيٺ موجود ڪيس کان اڳتي وڌي وسيع حڪم جاري ڪيا هئا، جڏهن ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي رپورٽن جي بنياد تي قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ کانسواءِ عمارت ڊاهڻ جا حڪم نٿا ڏئي سگهجن.
فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته هر ڪيس ۾ منصفاڻي قانوني ڪارروائي، يعني ڊيو پروسيس، آئيني طور لازمي آهي. عدالت جو مقصد غيرقانوني اڏاوتن کي تحفظ ڏيڻ نه، پر قانون موجب ڪارروائي کي يقيني بڻائڻ آهي.
وفاقي آئيني عدالت جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ غيرقانوني تعميرن خلاف ڪارروائي لاءِ مؤثر قانوني نظام ۽ لاڳاپيل ادارا اڳ ئي موجود آهن، جڏهن ته سنڌ حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارا اهڙين اڏاوتن جي نگراني ۽ قانون موجب ڪارروائي ڪرڻ جا پابند آهن.
عدالت پنهنجي فيصلي ۾ 21 ڊسمبر 2018ع ۽ 22 جنوري 2019ع تي سپريم ڪورٽ پاران جاري ڪيل حڪمن ۽ انهن جي بنياد تي ٿيل سموري ڪارروائي واپس وٺي ڇڏي آهي.
فيصلي سان گڏ جسٽس سيد ارشد حسين شاهه اضافي نوٽ پڻ لکيو، جنهن ۾ هن چيو ته شهرين جي بنيادي حقن ۽ عوامي سهولتن جو تحفظ رياست جي پهرين ذميواري آهي، جڏهن ته پارڪ، راندين جا ميدان، گرين بيلٽ، فٽ پاٿ، سامونڊي ڪنارا ۽ ٻيا عوامي هنڌ قبضي ۽ غيرقانوني تبديلين کان محفوظ رکڻ ضروري آهي.


