ڪراچي يونيورسٽي ۾ شاگرد ڌرين وچ ۾ جهيڙي جي جاچ لاءِ انڪوائري ڪميٽي قائم

2 Min Read

ڪراچي ( رپورٽ: آزاد ميراڻي ) سنڌ جي يونيورسٽين واري وزير، ڪراچي يونيورسٽي ۾ گذريل ڏينهن ٻن شاگرد تنظيمن وچ ۾ ٿيل جهيڙي واري واقعي جي جاچ لاءِ اعليٰ سطحي انڪوائري ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي.

ترجمان موجب، 5 رڪني انڪوائري ڪميٽي جو ڪنوينر شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي لياري جو وائيس چانسلر ڊاڪٽر حسين مهدي هوندو، جڏهن ته ڊاڪٽر غضنفر، ڊاڪٽر سرفراز ميتلو، پروفيسر ڊاڪٽر انتخاب الفت ۽ پروفيسر ڊاڪٽر نائمه سعيد به ڪميٽي جا ميمبر هوندا.

ڪميٽي کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اها 15 ڏينهن اندر پنهنجي جاچ مڪمل ڪري سفارشون تيار ڪري سنڌ جي يونيورسٽين ۽ بورڊز کاتي کي رپورٽ پيش ڪري.

سنڌ جي يونيورسٽين واري وزير اسماعيل راهو چيو آهي ته واقعي جي هر  رخکان شفاف ۽ غيرجانبدار جاچ ڪئي وڃي، ذميوار فردن ۽ گروهن جي سڃاڻپ ڪئي وڃي، انتظامي ۽ سيڪيورٽي معاملن ۾ ٿيل غفلت جو به جائزو ورتو وڃي ۽ قانون موجب ذميوارن خلاف ڪارروائي لاءِ سفارشون پيش ڪيون وڃن.

ٻئي طرف، ڪراچي يونيورسٽي ۾ ٿيل جهيڙي جو ڪيس مبينا ٽائون ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب، زخمي شاگرد جي فرياد تي ڪيترن ئي ڄاتل ۽ اڻڄاتل ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ هنگامه آرائي ۽ تشدد سميت مختلف دفعات شامل ڪيون ويون آهن.

پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي جون سي سي ٽي وي فوٽيجون ۽ ٻيا ثبوت گڏ ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته نامزد جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي جاري آهي. واقعي کان پوءِ جامعہ ڪراچي جي سيڪيورٽي وڌيڪ سخت ڪئي وئي آهي ۽ جهيڙي جي سببن ۽ ذميوارن جي سڃاڻپ لاءِ جاچ جاري آهي.

Share This Article
Leave a Comment