مانگي ڊيم پوليس اسٽيشن تي حملي بعد فورسز جو آپريشن شعبان، وڌيڪ 13 دهشتگرد مارجي ويا

1 Min Read

ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ )  مانگي ڊيم پوليس اسٽيشن تي ٿيل دهشتگرد حملي کانپوءِ پاڪ فوج، فرنٽيئر ڪور (ايف سي) ۽ بلوچستان پوليس پاران شروع ڪيل آپريشن شعبان جاري آهي.

سيڪيورٽي ذريعن موجب، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 13 دهشتگرد مارجي ويا آهن، جنهن کانپوءِ آپريشن شعبان دوران ماريل دهشتگردن جو انگ وڌي 39 ٿي ويو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اڄ صبح خضدار واري علائقي ۾ دهشتگردن جي پوليس اسٽيشن تي حملي جي ڪوشش پڻ ناڪام بڻائي وئي.

سيڪيورٽي ذريعن موجب، پاڪ فوج ۽ ايف سي جي ڪارروائي دوران 8 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته هيليڪاپٽر آپريشن دوران وڌيڪ 5 کان 6 دهشتگردن جي مارجي وڃڻ جون به رپورٽون مليون آهن.

ذريعن مطابق، آپريشن شعبان دوران ڏکين جبلائي علائقن ۾ دهشتگردن خلاف گهيرو وڌيڪ تنگ ڪيو ويو آهي. سيڪيورٽي فورسز موجب، 6 ۽ 7 جولاءِ تي به 26 دهشتگرد ماريا ويا هئا.

سيڪيورٽي ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته 5 جولاءِ کان جاري آپريشن شعبان ۽ ٻين انٽيليجنس بنياد تي ڪيل آپريشنن دوران مجموعي طور 75 دهشتگرد ماريا ويا آهن.

Share This Article
Leave a Comment