ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي ۾ عوام پاڪستان پارٽي جي سيڪريٽري جنرل مفتاح اسماعيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته يونيورسٽي روڊ گذريل پنجن سالن کان تعمير هيٺ هجڻ باوجود مڪمل نه ٿي سگهيو آهي، جيڪو پيپلز پارٽي جي ڪرپشن ۽ لاپرواهي جو واضح مثال آهي.
هن چيو ته يونيورسٽي روڊ جو منصوبو ڪراچي ۾ پيپلز پارٽي لاءِ وڏو سوال بڻجي ويو آهي، حڪومت کي گهرجي ته ان تي سنجيدگي سان ڌيان ڏئي.
مفتاح اسماعيل جو چوڻ هو ته اردو يونيورسٽي جي استادن کي ٽن مهينن کان پگهارون نه مليون آهن، جڏهن ته حڪومت شهرين ۽ ڪاروباري ماڻهن کان ٽيڪس ته وصول ڪري ٿي، پر وچولي طبقي جي شاگردن کي تعليم ڏيندڙ استادن جا بنيادي مسئلا به حل ناهن ٿي رهيا.
هن وڌيڪ چيو ته تازو جاري ٿيل ليويبل انڊيڪس موجب دنيا جي 173 شهرن مان ڪراچي 170هين نمبر تي آهي. سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ 18 سالن کان پيپلز پارٽي جي حڪومت آهي، تنهن ڪري هاڻي ماضي جي حڪومتن تي ذميواري وجهي نٿي سگهجي.
مفتاح اسماعيل الزام هنيو ته سنڌ ۾ تعليم، صحت ۽ پوليس جي ڪارڪردگي انتهائي خراب آهي. هن چيو ته گذريل چئن سالن دوران پاڪستانين جي اوسط آمدني گهٽجي وئي آهي، جڏهن ته پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ جو وڏو سبب مٿس لاڳو ٽيڪس آهن.
هن دعويٰ ڪئي ته حڪومت جي پنهنجي انگن اکرن موجب گذريل چئن سالن ۾ مهانگائي 78 سيڪڙو وڌي آهي، جنهن سبب پگهاردار طبقو سخت معاشي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته 29 سيڪڙو ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن.


