بلوچستان ۾ گڏيل آپريشن جاري، وڌيڪ 9 دهشتگرد مارجي ويا

1 Min Read

بلوچستان جي علائقي شعبان ۾ پاڪ فوج، ايف سي ۽ بلوچستان پوليس پاران گڏيل آپريشن جاري آهي. سيڪيورٽي ذريعن موجب، فتنه الخوارج سان لاڳاپيل دهشتگردن خلاف اثرائتي ڪارروايون جاري آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته تازين ڪارروائين دوران 9 دهشتگرد مارجي ويا، جن کي هوائي ۽ زميني آپريشنز ذريعي نشانو بڻايو ويو.

سيڪيورٽي ذريعن موجب، آپريشن شعبان دوران هيل تائين مارجي ويل دهشتگردن جو انگ 52 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 5 جولاءِ کان هيل تائين مختلف آپريشنز ۾ مجموعي طور 88 خارجي دهشتگرد ماريا ويا آهن.

سيڪيورٽي ذريعن وڌيڪ چيو آهي ته بلوچستان ۾ آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين آپريشن شعبان جاري رهندو.

Share This Article
Leave a Comment