ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني اداڪارا عائشه عمر ڪراچي ۾ رهندڙ شهرين کي سخت حالتن باوجود زندگي گذارڻ تي “ميڊل” جو حقدار قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
برطانوي تحقيقي اداري اڪنامسٽ انٽيلجنس يونٽ پاران جاري ڪيل 2026ع جي گلوبل لائيوئبلٽي انڊيڪس موجب پاڪستان جو معاشي مرڪز ڪراچي رهائش لاءِ دنيا جو چوٿون بدترين شهر قرار ڏنو ويو آهي.
اداڪارا عائشه عمر ان رپورٽ بابت انسٽاگرام اسٽوري تي هڪ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته، “اسان کي ان تي ڪا به حيرت ناهي.، هن وڌيڪ لکيو ته، “اسان ڪراچي ۾ زنده رهڻ ۽ زندگي گذارڻ تي ميڊلن جا حقدار آهيون.
عائشه عمر موجب، ڪراچي جا رهواسي ٽٽل ۽ آلودهه روڊن، ڪلاڪن جا ٽريفڪ جام، گيس ۽ بجلي جي محدود فراهمي، هر وقت ڦر جي خوف، مسلسل ذهني دٻاءَ ۽ سخت محنت باوجود نه رڳو پنهنجو روزگار جاري رکن ٿا، پر باقاعدگي سان ٽيڪس به ادا ڪن ٿا ۽ ملڪ جي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.


