Focus with Zardari

ڪراچي ۾موبائيل شاپ تي هٿياربند جي ڪاهه، لکين رپين جا فون ڦر

1 Min Read

ملير ( رپورٽ: شاهد ڇڄڙو ) ملير جي علائقي گلشن حديد فيز ون ۾ ڏينهن ڏٺي جو هٿياربند ڦورن هڪ موبائيل شاپ تي ڌاڙو هڻي لکين رپين ماليت جا موبائيل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا.

پوليس موجب، موٽرسائيڪل سوار چار هٿياربند جوابدار هٿيارن جي زور تي دڪان ۾ داخل ٿيا ۽ لکين رپين جا موبائيل فون ۽ نقد رقم ڦرڻ بعد آساني سان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

واقعي جي اطلاع ملڻ تي اسٽيل ٽائون پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي ۽ واقعي بابت جاچ شروع ڪري ڇڏي.

دڪان جي مالڪ ڪرن ڪمار جو چوڻ آهي ته شهر ۾ ڦرون، چوريون ۽ ڌاڙا روز جو معمول بڻجي چڪا آهن، جڏهن ته پوليس امن امان قائم رکڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي.

- Advertisement -

هن چيو ته هٿياربند ڦورو ڏينهن ڏٺي جو وارداتون ڪري بنا ڪنهن خوف جي فرار ٿي وڃن ٿا. دڪان مالڪ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته ڦر ٿيل موبائيل فون ۽ روڪ رقم واپس ڪرائي وڃي ۽ واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري قانون موجب سزا ڏني وڃي.

Share This Article
Leave a Comment