ٽنڊو محمد خان: (امتياز منڱريو) سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙين خلاف پيپلز پارٽي پاران “مرسون مرسون، سنڌو نه ڏيسون” جي عنوان هيٺ احتجاجي پيادل مارچ ڪيو ويو، جنهن ۾ سوين ڪارڪنن شرڪت ڪئي.
احتجاج دوران ڪارڪنن پاڻي جي کوٽ خلاف “پاڻي ناهي ڇو ڀلا، ڪربلا ڪربلا” جا نعرا هنيا. احتجاجي مارچ الفتاح چوڪ کان شروع ٿيو، جيڪو پيادل مارچ ڪندي ڦليلي روڊ تي پهتو، جتي جلسي جي صورت اختيار ڪري ويو.
احتجاجي جلسي کي پ پ ايم پي اي سيد اعجاز شاهه بخاري، ايم پي اي خرم ڪريم سومرو، ضلعي اطلاعات سيڪريٽري ڊاڪٽر مير حسن ملاح، ضلعي ڪائونسل جي وائيس چيئرمين غلام مصطفيٰ جت ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو.
اڳواڻن چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ سنڌو درياهه کي حصي جو پاڻي نه ملڻ وارو معاملو عالمي سطح تي اٿاريو ويو آهي.
هنن الزام هنيو ته ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي ۽ پاڻي روڪڻ سان سنڌ متاثر ٿي رهي آهي، جڏهن ته وفاق طرفان به سنڌ کي جائز پاڻي نه ملڻ ناانصافي آهي.
اڳواڻن چيو ته پاڻي جي کوٽ سبب سنڌ جي زراعت تباهه ٿي رهي آهي ۽ عوام پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آهي. هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ کي حصي جو پاڻي فراهم ڪري پاڻي بحران ختم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.


