پيپلز پارٽي سان سياسي ايڊجسٽمينٽ جون خبرون بي بنياد آهن: امير بخش ڀٽو

2 Min Read

حيدرآباد (ذاڪر لغاري): اڳوڻي وڏي وزير سردار ممتاز علي ڀٽو جي فرزند امير بخش ڀٽو پيپلز پارٽي سميت ڪنهن به سياسي جماعت سان سياسي ايڊجسٽمينٽ ٿيڻ وارين خبرن کي رد ڪندي چيو آهي ته اهي رڳو سوشل ميڊيا تي هلندڙ افواهه آهن.

حيدرآباد ۾ فرنٽ جي اڳوڻي اڳواڻ ايوب شر جي والد جي لاڏاڻي تي تعزيت کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي امير بخش ڀٽو چيو ته پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سندن والد سردار ممتاز علي ڀٽو جي وفات تي تعزيت لاءِ آيو هو، جنهن جي موٽ ۾ هو به شهيد بينظير ڀٽو جي تعزيت لاءِ ويا هئا.

هن چيو ته ان ملاقات کي سياسي رنگ ڏنو ويو، جڏهن ته نه وزيراعليٰ بڻائڻ ۽ نه ئي گورنر بڻائڻ بابت ڪا ڳالهه ٿي آهي.

امير بخش ڀٽو چيو ته هو اڄ به اصولن واري سياست تي قائم آهن ۽ في الحال ڪنهن به سياسي جماعت سان شامل ناهي، جڏهن ته ايندڙ چونڊن ۾ حصو وٺڻ بابت به اڃا تائين ڪو حتمي فيصلو نه ڪيو ويو آهي.

سندس چوڻ هو ته هو سنڌ جي سياست تان ڪڏهن به هٿ نه کڻندو، سندس پهريون مقصد سنڌ ۽ ملڪ جي خدمت آهي.

هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن مستقبل ۾ ڪنهن به سياسي جماعت سان رابطو يا اتحاد ٿيو ته ان بابت عوام کي آگاهه ڪيو ويندو، ڇو ته سياسي پارٽين کان وڌيڪ اهميت اصولن واري سياست جي آهي، ۽ آخرڪار ڪاميابي به اصولن تي قائم رهندڙن کي ئي ملندي.

Share This Article
Leave a Comment