لاڙڪاڻو: (علي گل ڏيٿو) لاڙڪاڻو پوليس بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) جي مستحق عورتن جي وظيفي مان مبينا غيرقانوني ڪٽوتي ڪندڙ رنگ ليڊر سميت 7 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
پوليس موجب ڳجهي اطلاع تي باقراڻي روڊ واري علائقي ۾ ڪارروائي دوران جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. گرفتار ٿيلن ۾ رنگ ليڊر، ڊوائيس هولڊر ۽ فرنچائيز سان لاڳاپيل ماڻهو شامل آهن.
پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي مستحق عورتن جي وظيفي مان 1200 کان 1700 رپين تائين مبينا طور غيرقانوني ڪٽوتي ڪندا هئا.
پوليس موجب دڙي ٿاڻي جي پوليس ڳجهي اطلاع تي باقراڻي روڊ واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪندي ڊوائيس هولڊرن عامر ابڙو، سهيل ميراڻي، نعيم ڀنگر ۽ فرنچائيز مالڪ روشن لغاري سميت ٻين کي گرفتار ڪيو.
پوليس جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته جاچ دوران نيٽ ورڪ سان لاڳاپيل ٻين ماڻهن بابت به معلومات گڏ ڪئي پئي وڃي.


