خيرپور: (شڪيل جانوري) اڪري ٿاڻي جي حد ظفرآباد ڀرسان موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان آفتاب گلال کي قتل ڪري ڇڏيو.
پوليس موجب، مقتول پنهنجي گهر ڀرسان لنڪ روڊ تي بيٺو هو ته جوابدارن مٿس فائرنگ ڪئي ۽ واقعي کان پوءِ فرار ٿي ويا. لاش ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
وارثن جو الزام آهي ته آفتاب گلال ٽي سال اڳ صائمه بروهي سان پسند جو پرڻو ڪيو هو، جنهن جي رنجش ۾ ناري جي مائٽن کيس قتل ڪيو.
نوجوان جي قتل کان پوءِ گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته مقتول جي امڙ کي بار بار بيهوشي جا دورا پئجي رهيا آهن ۽ وارث سخت صدمي ۾ آهن. پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.


