ٺاروشاهه ۾ بدامني، موبائيل دڪان مان لکين رپين جو ڌاڙو، دڪاندارن جو احتجاج

1 Min Read

نوشهروفيروز (محمد عادل عباسي) ٺاروشاهه ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بدامني جا واقعا ٻيهر وڌڻ لڳا آهن، رات دير سان مارڪيٽ چوڪ ڀرسان موبائيل هول سيل جي دڪان مان نامعلوم چور لکين رپين جون موبائيلون ۽ روڪ رقم کڻي فرار ٿي ويا.

واقعي موجب نامعلوم چورن موبائيل دڪاندار محمد ياسين کوکر جي دڪان جي ڇت ٽوڙي اندر داخل ٿي 50 کان وڌيڪ موبائيل فونون، ڏيڍ لک رپين کان وڌيڪ روڪ رقم ۽ ٻيو سامان چوري ڪري ويا.

واقعي کانپوءِ دڪاندار ۽ واپاري برادري احتجاج ڪندي پوليس جي ڪارڪردگي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.

دڪاندارن ياسين کوکر، ذيشان کوکر، امجد کوکر، سڪندر کوکر ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته ٺاروشاهه پوليس جي لاپرواهي سبب علائقي ۾ ٻيهر بدامني وڌي وئي آهي، جنهن ڪري چوريون، ڦرون ۽ ڌاڙا روز جو معمول بڻجي ويا آهن.

دڪاندارن ايس ايس پي نوشهروفيروز ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور چوري ٿيل سامان واپس ڪرائي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ پوليس ٿاڻي آڏو سخت احتجاج ڪيو ويندو.

Share This Article
Leave a Comment