تلهار: زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن جو ڌرڻو، روڊ بلاڪ

1 Min Read

تلهار (رپورٽ: صابر حسين لغاري) تلهار ويجهو راڄوخاناڻي-تلهار روڊ تي سعيد پور اسٽاپ وٽ مناهڪي شاخ جي آبادگارن پاران زرعي پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو.

احتجاج ڪندڙ آبادگارن آبپاشي کاتي جي عملدارن، خاص طور تي ايس ڊي او خلاف سخت نعريبازي ڪئي.

آبادگارن جو چوڻ آهي ته آبپاشي کاتي جا عملدار ڄاڻي واڻي مناهڪي شاخ جو پاڻي بند ڪري رهيا آهن، جنهن سبب تيار ٿيل سارين جو ٻيجارو سڪي رهيو آهي ۽ کين لکين رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي.

هنن الزام لڳايو ته مناهڪي شاخ جي مُنڍ وٽ بااثر زميندار زبردستي پاڻي کڻي رهيا آهن، جڏهن ته پوڇڙ وارا آبادگار پاڻي جي ڦڙي لاءِ به پريشان آهن.

آبادگارن مطالبو ڪيو ته مناهڪي شاخ ۾ فوري طور پاڻي ڇڏيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو.

احتجاج سبب راڄوخاناڻي، ٽنڊو غلام علي، ڊگهڙي، ميرپورخاص، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ڏانهن ويندڙ مين روڊ بند ٿي ويو، جنهن ڪري ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿي وئي.

Share This Article
Leave a Comment