خيرپور (شڪيل جانوري) خيرپور لڳ ڪنب ٿاڻي جي حد ۾ سال 2013ع دوران ٿيل محمد امير تمراڻي ۽ عبدالستار شنباڻي جي قتل واري تڪرار جو فيصلو درگاهه پيرڳوٺ ۾ ڪيو ويو.
فيصلي دوران ڌرين جا موقف ٻڌڻ کانپوءِ وساڻ ڌر تي ٻن خونن جو ڏيڍ ڪروڙ رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته شنباڻي ڌر تي حملن جي مد ۾ 25 لک رپيا ڏنڊ رکيو ويو.
فيصلي جي موقعي تي مقتول محمد امير تمراڻي جي وارثن ايڊووڪيٽ محمد رفيق تمراڻي ۽ سندس پٽ ذيشان امير تمراڻي پاران ڏنڊ واري رقم مان 75 لک رپيا معاف ڪيا ويا.
بعد ۾ وساڻ ڌر ميڙ منٿ قافلو وٺي تمراڻي ۽ شنباڻي ڌرين جي تڏي تي پهچي خون بخشرائڻ واري رسم ادا ڪئي.
واضح رهي ته ڪنب ٿاڻي جي حد ۾ سال 2013ع ۾ ٿيل ٻن قتلن کانپوءِ وساڻ، تمراڻي ۽ شنباڻي ڌرين وچ ۾ تڪرار هلندو رهيو، جنهن جو هاڻي فيصلو ڪيو ويو آهي.


