گمبٽ: کهڙا ۾ زمين تي مبينا قبضي ۽ تشدد خلاف زال مڙس جو ٻارڙن سميت احتجاج

2 Min Read

گمبٽ (ممتاز ميمڻ) کهڙا ۾ مبينا طور زرعي زمين تي قبضي ۽ تشدد خلاف زال مڙس پنهنجي معصوم ٻارڙن سان گڏ احتجاجي مظاهرو ڪري انصاف جي گهر ڪئي.

ڳوٺ رسول بخش ناريجو جي رهواسي مسمات ضميران ۽ سندس مڙس جان محمد ناريجو ٻارڙن سان گڏ بااثر ماڻهن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج ڪيو.

ان موقعي تي مسمات ضميران ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام هنيو ته محمد عيسيٰ عرف عيسو، ببر ناريجو، ثناءُالله، نصرالله، غريب نواز، زڪريا ۽ ٻيا سال 2022ع کان سندن 10 جريب زرعي زمين تي قبضي جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

هن چيو ته گذريل پنجن سالن کان کين زمين تي ٽريڪٽر هلائڻ، فصل پوکڻ ۽ لابارو ڪرڻ کان روڪيو پيو وڃي، جنهن سبب کين سخت معاشي نقصان پهچي رهيو آهي.

احتجاج ڪندڙ عورت الزام لڳايو ته جوابدار ڪيترائي ڀيرا سندن گهر ۾ داخل ٿي عورتن تي تشدد پڻ ڪندا رهيا آهن، جنهن دوران سندس ٻانهن به ڀڄي پئي.

مسمات ضميران موجب واقعي بابت کهڙا ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي وئي آهي، پر پوليس جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران سندن مدد ڪري رهي آهي.

هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽيس وٺي مبينا طور زمين تي قبضي ۽ تشدد ۾ ملوث ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، جڏهن ته متاثر خاندان کي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.

Share This Article
Leave a Comment